سيد ملا مير سبزواري

سيد ملا مير سبزواري : سبزواري سيد ملا مير اصل بيجڪ جو رهاڪو ۽ حضرت امام علي موسيٰ رضه جي روضي جو متولي هو. ازبڪن جي فتني واري دؤر (906هه/ 1500ع کان 916هه/ 1510ع تائين) ۾ هڪ سال بيزار ٿي بيجڪ مان لڏي قنڌار پهتو. سندس پٽ ۽ اولاد مان ڪيترا مغل سلطنت ۾ وڏن عهدن تي فائز هئا. بکر جو حاڪم مير ابوالقاسم نمڪين سبزواري سندس پٽ ۽ ’مظهر شاهجهانيءَ‘ جو مصنف ميرڪ يوسف سندس پوٽو هو. ڪنهن به تاريخ ۾ سيد مير ملا سبزواريءَ جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ نه ٿي ملي. هن قنڌار ۾ 920هه/ 1514ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو